پيري پلوڪا افائلا

پيري/ پلوڪا/ افائلا: هي هڪ سڌين شاخن وارو کير ڏيندڙ ٻوٽو آهي. جنهن کي پن نه ٿيندا آهن. هي 1.8 ميٽر کان 3 ميٽر تائين ڊگھو ٿئي ٿو. هن جو ڇوڏو سائو ٿيندو آهي. جيڪڏهن پن ٿين به ته تمام ننڍڙا ڇهه ملي ميٽر جيترا ٿين، جيڪي مستطيل بيضوي شڪل تي هوندا آهن. پنن ۾ نسون نه هونديون آهن. هن جا گل خوشبودار ۽ لسا هوندا آهن ۽ گھڻو ڪري هڪ ٻئي جي سامهون اڍائي سينٽي ميٽر ڊگھا هوندا آهن. هن جا ٻج ڇهه ملي ميٽر ڊگھا هوندا آهن. هن ٻوٽي جا ٻارهن قسم ٿين ٿا. جيڪي يورپ، ايشيا ۽ آفريڪا ۾ ٿين ٿا. جڏهن ته برصغير ۾ هن ٻوٽي جا ڇهه قسم ٿين ٿا. سنڌ ۾ هن ٻوٽي جو پيري/ پلوڪا/ افائلا قسم ٿئي ٿو، جنهن کي سنڌيءَ ۾ بوءِ راءِ ۽ پنجابيءَ ۾ ’برابر‘ چيو ويندو آهي. هن ٻوٽي جي آڪهه Aculepedence آهي. مٿيون قسم عام جام آهي، جيڪو دادو، ٺٽي، حيدرآباد ۽ ٿرپارڪر ۾ ٿئي ٿو. هي گھڻو ڪري وارياسي جابلو علائقن ۾ ٿيندو آهي. پنجاب ۾ جھلم ۽ ان کان مٿي هماليه جي لاهين ۾ راولپنڊي، هزارا، وزيرستان ۽ پوري بلوچستان ۾ به ٿئي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو